ڪوئيٽا – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀا??ت جي حڪمران پارٽي بي جي پي ڀا??تي آئين مان آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ??يل بيان ۾ ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀا??تي رياستي دهشتگردي جو نه رڪجڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ لکين بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هاڻي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪندي ڪشميرين جون زمينون کسي انتهاپسند هندوئن کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ مسلما??ن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ??وشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀا??ت جي ??اڍ ۽ ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اتي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي راءِ جو حق ڏيڻ گهرجي.