اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ??ونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ??ونصلر جي ??اڪستان جي دوري تي ٿورا مڃيندي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ جي ??تيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي ??ڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻهن جي جان بچائڻ جي ??اءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آهي، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سب?? آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي ??ئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي آهي جو گ??ين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر ان کي موسمياتي تبديلين جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪومت پاران 31.1 ملين ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??چ ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آهي، پاڪستان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي ??راڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير موسمياتي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ?? سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ??ونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ??دد جي ??اءِ پرعزم آهي. هن پرڏيهي وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي ??اءِ تعاون جي ??ڌيڪ شعبن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي ??يادت ڪري رهيو آهي ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي ??اءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پاڪستان آمريڪا جي ??سيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.