نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏينهن اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنهنجي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن معام??ن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي ملاقات ??ئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شا?? جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنهنجي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ل??ڊن روانو ٿي ويندو.