اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمرشل ۽ ڪاروباري معاملن واري آم??يڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس م??جب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر، آم??يڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خان ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان قدم آم??يڪي مدد ۽ پاڪ آم??يڪا واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تازي ٻوڏ دوران آم??يڪا پاران فراهم ڪيل معاملن تي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪ آم??يڪا ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آم??يڪي واپاري معاملن واري خصوصي نمائندي دلاور سيد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو.