اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قب??ي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي ??فيس ۾ ڪشميري ع??ام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي جڏهن ته هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشميري ع??ام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي ??هي، پاڪستان ڪشميري ع??ام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي چيو ت?? اها ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين تان نظرون نه هٽائي.