اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سينٽرل جي ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي قيادت ۾ آمريڪي وفد نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي اي?? اي) جو دورو ڪيو ۽ اي?? ڊي اي?? ??ي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ملاقات ڪئي. وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپو ٿيل نقصانن ۽ بحالي جي قدمن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل جي حوالي سان گڏيل سهڪار ۽ قدمن لاءِ لائحه عمل جوڙڻ تي غور ڪيو. اي?? ڊي اي?? ??ي چيئرمين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ جهڙن معلومات ۽ تحقيقي ادارن جي جوڙجڪ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي اي?? ڊي اي?? اي جي ڀرپور نمائندگي تي زور ڀريو. هن نيشنل اي??رجنسي آپريشن سينٽر کي جديد ۽ فعال بڻائڻ سان گڏوگڏ مستقبل ۾ امڪاني خطرن جي تعين ۽ ان حوالي سان مڪمل تياري لاءِ ٻطرفي تجربن جي مٽاسٽا، مشقن جي انعقاد ۽ فني شعبن ۾ مدد ۽ سيڙپڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. هن پاڪستان ۾ آَفتن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ اي??رجنسي ريسپانس کي درپيش مشڪلاتن ۽ چئلينجن جو پڻ ذڪر ڪيو. اي?? ڊي اي?? ??ي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ 7 نمبر تي آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آ??ن. ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ ٻوڏ دوران پاڪستان جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪوششن کي س??را??يندي ٻوڏ متاثرن لاءِ يو ايس ايڊ ذريعي امداد جاري رکڻ لاءِ آمريڪي حڪومت جي مدد جي خاطري ڪرائي. اي?? ڊي اي?? ??ي چيئرمين مشڪل جي هن گهڙ ي۾ پاڪستان جو دور ڪرڻ تي آمريڪي فوج جي وفد جو ٿورو مڃيو ۽ مستقبل ۾ آمريڪي تجربن مان فائدو کڻڻ جي اميد ظاهر ڪئي.