اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (ا??ن ڊي ايم اي) جي چيئرمين لي??ٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا ??ي س??ير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ا??ن ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ??اراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ بابت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ا??ن ڊي ايم اي جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن مستقبل جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي ??جاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا قدم کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو. ا??ن ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي س??ير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.