اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڪڌي فعل جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ا??و ڪڌو فعل اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ هڪ اشتعال انگيز اسلامو فوبڪ نفرت انگيز ڏوهه آهي، اهڙي طرح جي جارحاڻي ڪاررواين س??ن سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جي جذبن ک?? شديد ٺيس پهتي آهي ۽ ان س??ن عاليم براد??ي جي وچ ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته اظهار راءِ جي آزادي ذميوارين س??ن اچي ٿي، اسان اهو به مڃون ٿا ته ا??ا حڪومتن ۽ عالمي براد??ي جي ذميواري آهي ته ا??ي اهڙي ڪڌي ڪاررواين ک?? روڪين جيڪي مذهبي نفرت ۽ تشدد کي هوا ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جي ڪڌ مقصدن س??ن ڪيون وڃن ٿيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عالمي برادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گذريل سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ جيڪا قرارداد منظور ڪئي هئي ان جي پٺيان اهو ئي روح ڪارفرما هو. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا خدشا هالينڊ جي عملدارن تائين پهچايا پيا وڃن، اسان انهن تي زور ڏيون ٿا ته ا??ي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي جذبن جو خيال رکن ۽ اهڙي طرح جي نفرت انگيز ۽ اسلامو فوبڪ ڪاررواين ک?? روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي.