پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ??يئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عب??الخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عب??الشڪور جي لاڏاڻي ت?? ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ??نڊ?? پڻ پيپلزپارٽي جي ??يئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن مفتي عب??الشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عب??الخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ??الهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.