اسلام آباد – 19 – جولاءِ (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي ت?? وزيراعظم کي خراج تحسي?? پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاق?? وزير س??د امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاق?? وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاق?? وزير سردار اياز صادق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات وزيراعظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد وزيراعظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسي?? پيش ڪيو. متحده جي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ ت?? وزيراعظم کي خراج تحسي?? پيش ڪيو.