اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقان??ني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ پنهنجي غيرقان??ني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي، ڀارت جا سمورا ظالماڻا قدم ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي نٿا روڪي سگهن. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقان??ني عمل آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي آواز بڻجندو رهندو ?? انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ لاء?? هر ممڪن سهڪار ڪندو. انهن خيالن جو اظهار صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي يوم استحصال 5 آگسٽ 2023ع جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ ڪيو. صدر مملڪت چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت غيرقان??ني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پنهنجي غيرقان??ني ۽ هڪ طرفي ڪارروائين جي شروعات ڪئي. انهن ڪارروائين جو مقصد ڪشميري عوام کي بي اختيار ڪرڻ، راءِ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪرڻ ?? انهن کي پنهنجي ئي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ آهي. صدر مملڪت چيو ته 5 آگسٽ جا قدم تڪراري علائقي تي مستقل طور قبضو ڪرڻ ?? ان جي خاص ڪشميري ڪردار کي مٽائڻ لاءِ کنيا ويا هئا. صدر مملڪت چيو ته اڄ ڀارت دنيا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڄمون ڪش??ير ان جي ڌرتي جو هڪ غير تڪراري حصو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميري عوام کي ان جي جائز حق خوداراديت ڏئي سلامتي ڪائونسل طرفان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، ڪشميري ڀارت کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڄمون ڪش??ير جي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو جنهن کان پوءِ ڄمون ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو ۽ ڄمون ڪش??ير جي حتمي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر مملڪت چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي نه فتح ٿيڻ جوڳي عزم ۽ حوصلي عيوض ڀارت طرفان ڊيڄارڻ ۽ محڪوم بڻائڻ واري هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪري رهيو آهي. صدر مملڪت چيو ته ڀارت جا سڀئي ظالماڻا ۽ هٿ ٺوڪيا قدم ڪشميري عوام جي جدوجهد کي نه روڪي سگهيا. ڀارت گذريل 75 سالن کان مختلف سازشن سان ڪشميري عوام جي حقن ۽ امنگن کي پائمال ڪري رهيو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت طرفان 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪش??ير کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڀارت جو ڪشميري عوام جي حقن کان مسلسل انڪار هڪ غلط ۽ غيرقان??ني عمل آهي. صدر مملڪت چيو ته سفارتي ٻٽي پاليسي يا ڀارتي رياستي دهشتگردي حقيقت کي تبديل نٿي ڪري سگهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻيو رهندو ?? انهن جي جائز حقن جي حاصلات لاء?? هر ممڪن سهڪار ڪندو، صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪش??ير تڪرار جي پرامن حل ذريعي ئي ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام ممڪن آهي.