اسلام آب??د -31 آڪٽوبر (اي پي پي)اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ گئس جي اگهه ۾ پهرين نومبر 2023ع کان واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي، محصول ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو ا??لا?? منعقد ٿيو. ا??لا?? ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وفاقي وزير سميع سعيد، بجلي ۽ پيٽرول واري وزير محمد علي، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. لاڳاپيل وزارتن ا??لا?? ۾ توانائي ۽ پيٽروليم واري وزارت طرفان پيش ڪيل سنگل آئٽم ايجنڊا تي غـور ??يو. توانائي واري وزارت طرفان مختلف ڪيٽيگرين لا??ِ قدرتي گئس جي وڪري جي اگهه تي نظرثاني جي حوالي سان پيش ڪيل سمري مالي سال 24-2023ع تي ٻيهر غور ڪيو ويو. اي سي سي تفصيلي بحث ۽ غور ڪرڻ بع?? گئس جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تي عمل پهرين نومبر 2023ع کان ڪيو ويندو. اي سي سي ان کان اڳ 23 آڪٽوبر 2023ع تي پيٽروليم ڊويزن طرفان جمع ڪرايل سمري تي غور ڪيو ۽ قدرتي گئس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينه 30 تاريخ تي پنهنجي ا??لا?? ۾ ان سمري کي نظرثاني لا??ِ ٻيهر اي سي سي ڏانهن اماڻيو هو. اي سي سي خصوصي ا??لا?? ۾ قدرتي گئس جي اگهه ۾ ترميم جي منظوري ڏني.