اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيمارين کان بچاءُ جي لا??ِ علاج بدران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته خوراڪ ۽ طرز زندگي ۾ تبديلي دل ۽ فالج جي مرض کان بچائي سگهن ٿيون، ان سان نه رڳو بيماري جو خطرو پر قومي صحت جي نظام تي بار به گهٽ پوندو. پشاور ۾ منعقد پاڪستان سوسائٽي آف ڪارڊيو ويسڪولر اينڊ ٿوراسڪ سرج??ز جي 12 هين ٻه سالا ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ خطاب ڪندي صدر چيو ??ه احتياطي تدبيرن سان نه رڳو بيماري جو خطرو پر قومي صحت جي نظام تي بار به گهٽ پوي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه نوجوانن ۾ دل جي بيمارين جي پڻ تشخيص ٿي رهي آهي، دل جي بيمارين جو ڊگهو علاج ۽ سرجري مريضن جي لا??ِ ناقابل برداشت ٿي وئي آهي، ان جي لا??ِ صحتمند خوراڪ جو استعمال، فعال طرز زندگي اختيار ڪرڻ ۽ تماڪو نوشي کي ڇڏڻ سان دل جي بيمارين تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن تي مثبت اثر پون ٿا. هن وڌيڪ چيو ??ه قوم ڪوويڊ 19 جي وبائي مرض کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ اڻٿڪ ۽ ٺوس ڪوششون ڪيون. هن دل جي مرض جي روڪٿام کي ترجيح ڏيڻ جي لا??ِ اهڙي طرح جي جذبي ۽ هدفن تي ٻڌل طريقيڪار کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. صدر دل ۽ ڇاتيءَ بابت هيلٿ ڪيئر پريڪٽيشنرز جي تربيت ۽ پيشيواراڻي ترقي ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو. هن ٽيلي ميڊيسن ۽ ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ??ه جيئن ڏورانهن علائقن ۾ صحت بابت مشوري، تشخيص ۽ نگراني جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ??ه اهو خاص طور ??ي ملڪ جي ڏورانهن ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي مريضن جي لا??ِ اهم هوندو جن کي صحت جي سارسنڀال جي سهولتن تائين پهچ ۾ مسئلا درپيش آهن. هن چيو ??ه ملڪ ۾ غذائي کوٽ ۽ موٽاپي جا واقعا گڏ گڏ رپورٽ ٿي رهيا آهن ۽ اها رياست جي ذميواري آهي ته اها جنڪ فوڊ بدران صحت بخش خوراڪ جي استعمال بابت بيداري پيدا ڪري. صدر ڊاڪٽرن ۽ طبي ماهرن تي زور ڏنو ته اهي احتياطي نگهداشت جي حوصلا افزائي ڪري ۽ عام ماڻهن کي واڪ ۽ مخصوص مشقن جي معمولات کي اختيار ڪرڻ تي آماده ڪري معاشري جي بهتر خدمت ڪري سگهن ٿا. صدر معاشري ۾ ذهني ڇڪتاڻ بابت پڻ ڳالهه ڪئي ۽ چيو ??ه مجموعي طور ??ي اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي کي اهو مسئلو درپيش آهي ۽ اٽڪل 60 کان 80 سيڪڙو اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ان جو شڪار آهن. ان سلسلي ۾ هن هڪ هيلپ لا??ين تجويز ڪئي جيڪا مصنوعي ذهانت جي ذريعي ضرورتمند ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري انهن کي مدد فراهم ڪري سگهي. پشاور ??نسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي جي سي اي او ۽ ڪانفرنس جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر شاهڪار احمد شاهه چيو ??ه پي آئي سي خيبرپختونخواهه جي پهرين جديد ترين سرڪاري اسپتال آهي جيڪا آئي ايس او سرٽيفڪيشن حاصل ڪندڙ پهرين اسپتال هجڻ جي ناطي صحت جي سارسنڀال جون خدمتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ??ه پي آئي سي مان فارغ ٿيندڙ سرجن صوبي ۽ سڄي ملڪ جي هيلٿ ڪيئر سسٽم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان ايسوسيئيشن آف ڪارڊيو ويسڪولر اينڊ ٿوراسڪ سرج??ز جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب يونس، پاڪستان سوسائٽي آف ڪارڊيو ويسڪولر اينڊ ٿوراسڪ سرج??ز جي 12 هين ٻه سالا ڪانفرنس جي سرپرست پروفيسر ڊاڪٽر محمد رحمان ۽ طبي ماهرن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.