اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ملندي، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سا?? حاصل ڪري وٺندي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سا?? ازبڪستان جي نائب وزي??اع??م ڊاڪٽر جمشيد خدجايو عبدوخاڪو مووچ 7 رڪني وفد سا?? گڏ ملاقات ڪئي. نگران وزي??اع??م نائب وزي??اع??م ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان ڪئي ۽ 8 کان 9 نومبر 2023ع تائين ازبڪستان جي شهر تاشقند ۾ منعقد 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف سا?? پنهنجي تازي ملاقات جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ۽ رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اسلام آباد ۾ پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي واپار وارن وزيرن جي پهرين ٽي ??ريي اجلاس جي انعقاد کي پڻ ساراهيو. ٽنهي ڌرين ڪسٽم، لاجسٽڪس، واپار جي فروغ، ٽيرف، ٽي آئي آر جي طريقيڪار تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ٽي ??ريو ورڪنگ گروپ پڻ قائم ڪيو. ٽه ڌريي اجلاس جي نتيجن تي اطمينان جو اظهار نگران وزي??اع??م اميد ظاهر ڪئي ته ٽي ??ريو طريقيڪار ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيندو. نگران وزي??اع??م ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته آسان ويزا طريقيڪار ۽ بهتر بئنڪنگ چينلز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري مختصر وقت ۾ هڪ ارب ڊالر جي گڏيل واپاري هدف کي آساني سا?? حاصل ڪري وٺندي. ازبڪ نائب وزي??اع??م سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي نگران وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا. هن نگران وزي??اع??م کي بئنڪنگ ۽ لاجسٽڪس جي شعبن سميت پاڪستان جي واپاري برادري سا?? نتيجاخيز ملاقاتن بابت ٻڌايو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي لاءِ فعال ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. ازبڪستان جي وفد ۾ ٽرانسپورٽ وارو وزير الخم مخڪاموف رسمووچ، سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار وارو نائب وزير بدري الدين عابدوف، نائب پرڏيهي وزير بابور عثمانوف، اسٽيٽ سيڪيورٽي سروس جو ڊپٽي ??يئرمين ميجر جنرل فرخ مختارئوف ۽ پاڪستان ۾ ازبڪستان جو سفير ميجر جنرل فرخ مختاروف اويبيڪ عارف عثمانوف شامل هئا. ملاقات ۾ واپار واري نگران وفاقي وزي?? گوهر اعجاز کانسواءِ واپار وارو سيڪريٽري، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شامل هئا.