گوانگ زو – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ڊيجيٽل دور ۾ ميڊي?? جي ترقي جي امڪانن کي اجاگر ڪندي رابطي جي موقعن، اسٽريٽجڪ مواد جي تخليق ۽ عالمي مباحثي مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو آهي ۽ ??يو آهي ته ميڊي?? جي ترقي جي لاءِ اظهار جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پنجين عالمي ميڊيا سمٽ جي ذيلي فورم ۾ ”تبديلين کي قبول ڪرڻ: نئين ٽيڪنيڪي موقعن ۽ چئلينجز بابت ميڊيا جو ردعمل“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ??يو ته ميڊيا پنهنجي ڊيجيٽل موجودگي ۾ توسيع ۽ عالمي پهچ ۾ اضافي جي ذريعي آن لائين ٻڌندڙن کي وڌائڻ جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿي. جديد دور جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن ??يو ته موجوده ڊيجيٽل دور ميڊيا کي اسٽريٽجڪ مواد تخليق ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن جيڪي مختلف موقف جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ ??يو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٻڌندڙن سان سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جا موقعا پڻ فراهم ڪيا آهن. هن ??يو ته ميڊيا وسيلن ۽ مهارت کي وڌائي ٻين ادارن سان تعاون مان پڻ فائدو کڻي سگهي ٿي، ان کانسواءِ آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پليٽ فارمز بشمول سبسڪرپشنز، اشتهارن ۽ اسپانسر شده مواد جو فائدو کڻي سگهي ٿي. هن ??يو ته ميڊيا باخبر عوامي مباحثي ۽ شهري شموليت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن عالمي شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته هڪ طرف ته موجوده ڊيجيٽل دور جي ڪري ميڊي?? جي وچ ۾ ”بريڪنگ نيوز“ جي ڊوڙ لڳل آهي جڏهن ته ٻئي طرف ٽيڪنيڪي ترقي پهچ ۾ توسيع ۽ ڪيترن ئي ڊيجيٽل پليٽ فارمز پاران مونيٽائيزيشن جي ذريعي آمدني ۾ اضافي جا ڪافي موقعا پيدا ڪيا آهن. عاصم کچي ??يو ته جيڪڏهن ان کي روڪيو نه ويو ته جعلي خبرن جو چئلينج ميڊي?? جي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ اسٽريٽجڪ سماجي، سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن اظهار جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو جيڪو ميڊي?? جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اي پي پي جي ايم ڊي ??يو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز خبرن جي فوري نشر ۽ اشاعت ۽ ناظرين سان رابطي ڪاري کي فروغ ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ جديد انداز ۾ خبرن ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ پڻ گنجائش فراهم ڪئي ۽ اهڙي طرح ميڊي?? جي وڌيڪ متحرڪ منظرنامي ۾ حصو ورتو جڏهن ته موقعن مان فائدو کڻڻ جي حد مختلف ٿي سگهي ٿي جيڪا ريگيوليٽري ماحول، ٽيڪنيڪي انفراسٽرڪچر ۽ صحافتي اخلاقيات جي پابندي جهڙن عملن کان متاثر ٿئي ٿي. هن ??يو ته ڊيجيٽل ميڊي?? جي ترقي جي ڏس ۾ معاشي موزونيت هڪ ٻيو چئلينج آهي جيڪو ڪيترن ئي روايتي ميڊيا ادارن کي درپيش آهي جنهن سان تيزي سان اسرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز موجب منهن ڏئي سگهجي ٿو. اي پي پي جي حوالي سان هن حاضرين کي ٻڌايو ته چيني سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ پنهنجي ٽيڪسٽ سروسز کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ نيوز ايجنسي پنهنجي ڊيجيٽيل دائري کي وڌائي سوشل ميڊي?? جي ذريعي پڙهندرن سان ڳنڍجي ملٽي ميڊيا اسٽوري ٽيلنگ کي اختيار ڪري مختلف نيوز نيٽ ورڪس سان تعاون ڪري ميڊي?? جي جديد موقعن مان فائدو کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پنجين عالمي ميڊيا سمٽ ميڊي?? جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ مهارت مان سکڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ هن ڊيجيٽل دور ۾ ميڊيا کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل بيا??يو سامهون آڻيندي.