اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر?? جي مقرري جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانو?? جي روشني ۾ پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي، اسان اليڪشن ڪميشن کان پڇاڳاڇا نٿا ڪري سگهون ۽ نه وري نگراني ڪري سگهُون ٿا، حقيقت ۾ اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي نگراني ڪندي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئي?? جي آرٽيڪل 218 (3) تحت ??لڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو واحد ذميوار آئيني ادارو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن کان شڪايت آهي ته اهو اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر?? جي مقرري جو اختيار حڪومت وٽ نه آهي پر اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، رٽرننگ آفيسر?? جي مقرري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ئي ٻڌائي سگهي ٿي، حڪومت وٽ اهڙ?? مقرري جو ڪو اختيار نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستا?? جي اندر آئيني حڪومت آهي، اسان آئيني عمل جي پيداوار آهيون، آئي?? جي آرٽيڪل 19 ۽ 19 (اي) تحت ??ر هڪ کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي، ميڊيا آزاد آهي ان تي ڪنهن به قسم جي پابندي نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سڀني رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽي?? جي اڳواڻن کي تنقيد جو حق حاصل آهي.