اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي. هو ??يشنل بُڪ فائونڊيشن جي ڪ??دار ۽ ڪارڪردگي تي بري??نگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائونڊيشن جي ڪ??دار ۽ ڪارڪردگي تي بري??نگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ فائونڊيشن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائونڊيشن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تائين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪ??اب فراهم ڪي?? ويندا، فائونڊيشن جي ڪ??اچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتاب فراهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان محروم ٻارن جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. بري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تائين ڏسڻ کان محروم ٻارن جي لاءِ ڪتاب فراهم ڪي?? ويندا، نيشنل بُڪ فائونڊيشن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪ??اب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ فائونڊيشن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪتابن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر ملڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائونڊيشن جي ڪ??دار کي ساراهيو.