لاهور-26 فيبروري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگ??ان ??فاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي ??ٺرائڻي پوندي، نوجوانن کي فني مهارتن جي تربيت ڏياري معاشري جو ڪارآمد شهري بڻائي سگهجي ٿو. نگ??ان حڪومت مختصر عرصي ۾ تعليم کي هٿي ??ٺرائڻ لاءِ روڊ ميپ تيار ڪري ايندڙ حڪومت لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيو ٽيڪ) ۽ پنجاب اسڪلز ڊولپمينٽ فنڊ (پي ايس ڊي ايف) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي حوالي سان ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان ??ادداشت جو مقصد پٺتي پيل طبقي جي ترقيءَ لاءِ هڪ ڪوشش ڪرڻ ۽ نوجوانن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي. نگ??ان ??فاقي وزير چيو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ روايتي بجاءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي ??ٺرائڻي لاءِ پوندي. هن چيو ته يونيورسٽين کي معياري تعليم سان ??م آهنگ ڪرڻ لاءِ نگ??ان حڪومت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪيا. ايندڙ حڪومت لاءِ هڪ روڊ ميپ ڇڏي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ايندڙ حڪومت ان روڊ ميپ تي ع??ل ڪري تعليم جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. ان ??وقعي تي نيو ٽيڪ جي چيئرپرسن سميت ٻين به خطاب ڪيو.