ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صو??ن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪ??دي چيو آهي ته ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، معيشت جي بحالي ج?? لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي ج?? لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ حصيداري لازمي آهي، پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ اسان کي متحد ٿي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو، ملڪ جو معاشي استحڪام اسان جو بنيادي مقصد آهي، سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي ۾ پاڻي ??ي پهچ ??ي پراڻي مسئلي ج?? جلد کان جلد حل ڳوليو وڃي. هن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي سنڌ حڪومت جي مالي ۽ اقتصادي ۽ ٻين مسئلن ??ي پائيدار حل ڳولڻ ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ جي تياري ۾ سمورن صو??ن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ بجلي چوري ج?? خاتمي ج?? لاءِ وفاقي حڪومت جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم کي سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ۽ نجي حصيداري تحت ٺهندڙ ڪامياب منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڻي وسيلن، مواصلات، اوڳاڙين، توانائي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي.