اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 وفاقي وزيرن کي مختلف وزارتن جا ا??اف?? قلمدان ڏئي ڇڏيا جڏهن ته 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪابينا ڊ??يز?? پاران جاري نوٽ??فڪ??شن موجب وزيراعظم شهباز شريف ??نه??جا خصوصي اختيار استعمال ڪندي اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مذهب?? معاملن واري وزارت جو ا??اف?? قلمدان ڏنو، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان کي مواصلات واري وزارت جون ا??اف?? ذميواريون ڏنيون ويون، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو ا??اف?? قلمدان ڏنو ويو، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ کي پاڻي وسيلن واري وزارت جي ا??اف?? چارج ملي وئي. ڪابينا ڊ??يز?? جي نوٽ??فڪ??شن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ راڻا احسان افضل، رومينه خورشيد عالم ماحولياتي تبديلي ۽ شبير احمد عثماني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جو ڪوآرڊينيٽر هوندو.