ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ اي??ان جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر آصف علي زرداري دمشق ۾ اي??اني سفارتخاني تي اسرائيلي ح????ي تي اي??اني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان د??ي تعزيت ۽ همدرديءَ ج?? اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ اي??ان سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري اي??اني صدر کي ٻيهر پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن اي??اني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن ج?? اظهار ڪيو.