رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عالمي مالياتي اداري (آءِ اي?? ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا ??ار??يوا عالمي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائينز تي اهم ملاقات ڪئي. ا??م ڊي آءِ اي?? ايف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پريس پڌرائي مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ هي سندس ا??م ڊي آءِ اي?? ايف سان پهرين ملاقات هئي. سندن آخري ملاقات جون 2023ع ۾ پيرس ۾ سمٽ فار نيوگلوبل فنانشل پيڪٽ دوران ٿي هئي. وزيراعظم ڪرسٽالينا ??ار??يوا جو گذريل سال آءِ اي?? ايف کان 3 بلين آمريڪي ڊالرن جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو. آءِ اي?? ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو (اڄ) اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن ۾ ايس بي اي تحت 1.1 ارب آمريڪي ڊالرن جي حتمي قسط جو فيصلو ڪيو ويندو. ا??م ڊي آءِ اي?? ايف گذريل سال اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي حوالي سان وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ا??م ڊي آءِ اي?? ايف کي ٻڌايو ته سندس حڪومت پاڪستان جي معيشت کي ٻيهر پٽ??ي تي آڻڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ پنهنجي مالياتي ٽيم کي سڌارا ڪرڻ، سخت مالياتي نظم و ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ اهڙين دانشمنداڻين پاليسين تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جيڪي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائين. ٻنهي ڌرين پاڪستان جي آءِ اي?? ايف جي هڪ ٻئي پروگرام ۾ داخل ٿيڻ تي به ڳالهيون ڪيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته گذريل سال ۾ حاصل ٿيل فائدن کي مستحڪم ڪيو وڃي ۽ ان جي اقتصادي ترقي جي رفتار مثبت رهي. ا??م ڊي آءِ اي?? ايف پاڪستان سان جاري پروگرامن جائزه جي عمل جي باري ۾ پنهنجي اداري جي نقطئه نظر کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم ا??م ڊي آءِ اي?? ايف کي سندن سهولت مطابق پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.