اسلام آباد ??? 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته زندگي جي مختلف شعبن ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ صحافين، ليکڪن، ليکارين، فنڪارن ۽ عظيم شخصيتن کي سلام پيش ڪريان ٿو، باصلاحيت ماڻهو ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جي صلاحيتن جي اعتراف جي ذريعي ئي نئين ٽيلينٽ کي اڀ??ري سگهجي ٿو، اميد آهي ته پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃائيندڙ اهي ماڻهو وڌيڪ ڏيئا روشن ڪندا ويندا، اهو ملڪ قائداعظم محمد علي جناح رح ۽ انهن جي ساٿين جي عظيم جدوجهد ۽ اسان جي بزرگن جي قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، اهو آزاد وطن اسان جو گ??ر آهي، اسان کي گڏجي ان وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار اد اڪرڻو آهي. پريس انفارميشن ڊيپارٽمينٽ آزادي جي ڏه??ري جي موقعي تي انهن شخصيتن جي اعتراف ۾ تقريب جي انعقا?? جو بهترين قدم کنيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ به اهو سلسلو ج??ري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جي ذيلي اد??ري پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ وطن لاءِ ڪم ڪندي نالو پيدا ڪندڙ صحافين، ليکڪن، مصنفين، اداڪارن ۽ فن موسيقي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ ايوارڊز ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.