شيخوپوره – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان چيو آ??ي ته وڏا خواب ڏسندڙ ئي وڏا ڪم ڪندو آ??ي، راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ذريعي نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آ??ي، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هليا ويا، قرضن جي واپسي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جنهن سان مشڪلاتون اچي رهيون آهن، هو راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رکڻ کي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ??يو ته م??ن کي ان منصوبي ۾ نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي رهيو آ??ي، ان منصوبي ۾ سمورو پئسو نجي شعبي کان ايندو جڏهن ته حڪومت صرف سهولتون فراهم ڪندي، اوورسيز ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن.