اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت گڏيل قومن جي ڪنوينشن تحت ٻارن جي ترقي، تعليم، صحت جي سارسنڀال، انهن جي وقار ۽ سلامتي جي حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، موجوده حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف پروگرامز شروع ڪيا آهن، مختلف قدمن جي ذريعي قانون جي حڪمراني ۽ معاشي انصا?? جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، حڪومت ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي صورتحال جي مسلسل نگراني ڪر?? رهي آهي ۽ انهي موجب ماڻهن تي ان جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتون ۽ ح??يدارن سان گڏجي هر ممڪن مناسب قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يونيورسل چلڊرن ڊي 2020ع جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو