ڪراچي – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته س??ڌ جي اندر جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي، پي ڊي ايم جي نالي تي مخالف ڌر هڪ بي ذائقه ڊش تيار ڪئي جنهن کي هي پاڻ به چکي نه ٿا سگهن، اهي سڀ پارٽيون دم ٽوڙيندڙ سياسي تخت نشيني جي ويڙهه جو حصو آهن، ڀان متي ڪنبو جوڙيو، ڪٿان جي سرهه ڪٿان جي ريتي، انهن جي صورتحال اها آهي، مخالف ڌر عمران خان کي چئلينج ڏيڻ چاهي ٿي ته اهي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائين، هن وقت پاڪستان جو ڪو ليڊر آهي اهو عمران خان آهي، اڄ تائين پاڪستان جي ڪنهن ليڊر افغانستان تي ايتري واضح پاليسي ناهي ڏني، اسان پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان هڪ ٻڏل معيشت کي سهارو ڏنو، ايندڙ مالي سال ۾ اسان جي معيشت 6 سيڪڙو تائين ترقي ڪندي، مخالف ڌر اڳواڻ چونڊ سڌ??رن تي پارليامينٽ کان ٻاهر معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو، صاف ظاهر آهي شهباز شريف جو پنهنجي پارٽي تي ڪنٽرول نه آهي، ان کي پنهنجي فيصلن جي لاءِ ڪنهن ٻئي جي ڪلهي جو سهارو وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي، پارليامينٽ جي بل تي پارليامينٽ جي ٻاهر غيرچونڊيل ماڻهن تي دارومدار ڪري پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندا ته ان سان جمهوريت ڪمزور ٿيندي، جيڪو پئسو به س??ڌ سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي ٿو اهو ٻاهرئين ملڪ مان نڪري ٿو، سنڌ ۾ عام هاريءَ وٽ ته پ??ڻي نه اچي رهيو آهي پر فريال ٽالپر، آصف زرداري ۽ مر??د علي شاهه جي زمينن ۾ پ??ڻي جو ڪو مسئلو نه آهي، هي ماڻهو پاڻ پ??ڻي چوري ۾ ملوث آه??، ڪامياب جوان پروگرام ۾ صحافين جي لاءِ خصوصي اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.