اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ رحيم يار خان ڀُونگ شريف ۾ مندر ٽوڙڻ جي واقعي جي خلاف ??ذم??ي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي. حڪومت پاران اها خاطري ڪرائي وئي ته پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن ۽ انهن جي عبادتگاهن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، پاڪستان جو آئين اقليتن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، وزيراعظم عمران خان ان واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ان ۾ ملوث عنصرن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪيا آهن، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ان واقعي جي ڀرپور ??ذم?? ڪئي آهي، پاڪستان جي قومي جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جي حقن جي ضمانت ڏي ٿو. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ميمبر ڪيسو مل چيو ته رحيم يار خان ۾ مندر جي ٽوڙ ڦوڙ قابل ??ذم?? آهي، ان سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي بدنامي ٿي آهي. جڏهن پوري قوم ڀارت طرف ڪشمير جي کنيل هڪطرفي قدمن جي ??ذم?? ڪري رهي هئي اهڙي ۾ ان طرح جا واقعا افسوسناڪ آهن، تحريڪ انصاف جي ميمبر جئه پرڪاش چيو ته ڀونگ شريف ۾ گنيش مندر کي ساڙيو ويو ان جي ??ذم?? ڪريون ٿا، ان واقعي جي فوري بعد اهو معاملو وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آندو ويو، هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مندر جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم ٽوئيٽ ڪيو، رات ان جي ايف آئي آر ڪٽي وئي، پوليس ان وقت خاموش تماشائي ڇو رهي، گهرو وزارت ان جو نوٽيس وٺي، اتان کان هن??و برادري لڏپلاڻ ڪئي آهي ان کان اڳ ڪرڪ مندر جو واقعو ٿيو، اسان جي سمورن مندرن ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا وڃن، سمورن شرپسندن جون وڊيوز موجود آهن، انهن کي گرفتار ڇو نٿو ڪيو وڃي، مندر جي تعمير ۽ مرمت شروع ڪئي وئي آهي، اهڙن واقعن سان پاڪستان تي دنيا کلندي آهي، اهو معاملو گهرو وزارت جي ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، پيپلزپارٽي جي رميش لال چيو ته رحيم يار خان ۾ ٿيندڙ واقعو افسوسناڪ آهي، اتي رهندڙ هڪ سئو کان وڌيڪ هن??وئن جو پاڻي بند ڪيو ويو ، پوءِ مندر جي حملو ڪيو ويو ان جو ذميدار ڊي پي او ۽ ڊي سي آهن، واقعي جي ٽن ڪلاڪن تائين پوليس نه آئي، ڪا به گرفتاري ناهي ٿي، لاڳاپيل عملدارن کي طلب ڪ??ي انهن کان ان حوالي سان پڇيو وڃي، قومي اسيمبلي ميمبر شنيله رٿ چيو ته ان واقعي جي ??ذم?? ڪريون ٿا، هن??و برادري پرامن آهي، انهن سان اهڙو رويو ??ذم?? جوڳو آهي، حڪومت هن??و برادري سميت اقليتن سان گڏ بيٺل آهي، ڪجهه عنصر اهڙا آهن جيڪي اهڙي شرپسندي ڪندا آهن، پي ٽي آءِ جي ميمبر لالچند چيو ته اسلام اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي، اهڙن قدمن سان ملڪ بدنام ٿيندو آهي. وزيراعظم فوري ان جو نوٽيس ورتو، ان کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ٿي وئي ان ۾ ملوث عنصرن کي سزا ڏني وڃي، سپريم ڪورٽ به ان جو نوٽيس ورتو آهي، اهڙا واقعا پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي، رميش لعل چيو ته اسان پهرين پاڪستاني پوءِ هن??و آهيون، اسان کي برابري جا حق مليل آهن پر ڪجهه شرپسند اهڙن واقعن ۾ ملوث هوندا آهن، تحريڪ انصاف جي ميمبر رياض مزاري چيو ته اهو واقعو ??ذم?? جوڳو آهي، اسلام جي نالي تي اها شدت پسندي ڪئي ويندي آهي، رميش ڪمار وانڪواڻي چيو ته اهو واقعو ??ذم?? جوڳو آهي، ان حوالي سان قرارداد آڻي رهيا آهيون، ان واقعي جي فوري بعد وزيراعظم ايڪشن کنيو، سپريم ڪورٽ به نوٽيس ورتو، مولانا عبدالاڪبر چترالي واقعي جي ??ذم?? ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه عنصر وقت به وقت اسلام کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ واقعا ڪندا آهن، حڪومت جي رٽ نه هجڻ سان اهڙا فساد ٿيندا آهن. اسلام امن جو دين آهي، اسان اقليتن جي عبادتگاهن جو به احترام ڪريون ٿا، جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي ميمبر جمال الدين چيو ته جمعيت سدائين اهڙن واقعن جي ??ذم?? ڪئي آهي، اسلام جي نالي تي ٺهندر ملڪ ۾ مسجدن کي به ڪيرايو ويندو آهي، ڏکڻ وزيرستان حالت جنگ ۾ آهي، پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر چيو ته اهو واقعو ??ذم?? جوڳو آهي، اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ گڏجي ڪو لائحه عمل جوڙيو وڃي، اهائي اسلام جي تعليم ۽ قائداعظم جا فرمان آهن. هتي رهندڙن کي برابري جا حق حاصل آهن، انهن جا مذهبي ماڳ مقدس آهن، هر پاڪستاني کي بنا خوف ۽ خطري پنهنجي مذهب موجب عبادت جو حق حاصل آهي. اها انتظاميه جي به ناڪامي آهي، مسلم ليگ (ن) جي ميمبر مهناز اڪبر عزيز چيو ته اهو واقعو قابل ??ذم?? آهي، پاڪستان جيترو مسلمانن جو آهي ايترو ئي اقليتن جو به آهي، انهن کي به پنهنجي مذهبي آزادي سان عبادت جو حق حاصل آهي، اسان جي قومي جهنڊي ۾ اڇو رنگ اقليتن جو آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر ڪشوره زهره چيو ته ايم ڪيو ايم قائداعظم جي پاڪستان تي ي??ين رکي ٿي، اسان ان واقعي جي ڀرپور ??ذم?? ڪريون ٿا. صلاح الدين چيو ته ان افسوسناڪ واقعي جي جيتري ??ذم?? ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، اسان ان کي دهشتگردي سمجهون ٿا، اهڙن واقعن کي مدرسن سان جوڙڻ قابل ??ذم?? آهي، مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته اهو واقعو ??ذم?? جوڳو آهي ان تي حڪومت رپورٽ پيش ڪري، محسن داوڙ چيو ته رحيم يار جو واقعو ??ذم?? جوڳو آهي، اها دهشتگردي آهي، وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ان واقعي جو وزيراعظم نوٽيس ورتو، آءِ جي حڪم ڏنا ته ان ۾ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪري، پوليس جي سستي ??ي ڪارروائي جي هدايت ڪئي، انساني حقن واري وزارت به رحيم يار خان انتظاميه سان رابطي ۾ آهي، وزيراعظم ان مندر جي مرمت جا حڪم ڏنا، ان معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي، صوبائي حڪومت به ان ??ي ڪارروائي ڪري رهي آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن مذهبن جي پاڪستانين کي برابر حق ڏي ٿو، عبادت گاهن جو تحفظ آئين ڏي ٿو، اسان سڀ پهرين پاڪستاني آهيون، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته دين ۾ ڪا به زبردستي نه آهي، مسلمان جيڪڏهن غير مسلمانن جا حق ڦٻائيندو ته نبي ڪريم ﷺ قيامت جي ڏينهن ان تي پاڻ پڇڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ڪنهن کي اهو حق نه آهي ته هو ڪنهن جي عبادت گاهن کي نقصان پهچائي. جيڪو به واقعي ۾ ملوث آهن اهي انسان ئي نه آهن، حڪومت پاران عالمن ان جي ??ذم?? ڪئي آهي، اقليتن کي اهو ي??ين ڏياريون ٿا ته ان معاملي تي اسان سڀ هڪ آهيون، ڪشمير ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ان تي سمورا پاڪستاني گذريل ڏينهن ڪشميرين سان گڏ بيٺا. حڪومت پاران مخالف ڌر پاران ان واقعي جي ??ذم?? ڪريون ٿا، اسان هن??و برادري سان همدردي ڪريون ٿا، حڪومت سدائين اهڙن واقعن جي ??ذم?? ڪئي آهي، اسان جو قومي جهنڊو اقليتن جي تحفظ جي ضمانت ڏي ٿو، اسان جون عدالتون، مدرسا اهڙن واقعن جي خلاف بيهندا آهن جڏهن ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ان جي ابتڙ عدالتون بابري مسجد جهڙي سانحي ۾ انصاف ناهن ڏينديون اتي اقليتن کي نشانو بڻايو ويندو آهي، ان موقعي تي هن قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان ڀونگ شريف رحيم يار خان ۾ مندر کي ٽوڙڻ ۽ سخت نقصان پهچائڻ جي واقعي جي سخت ??ذم?? ڪري ٿو ۽ ان ڏک ۾ پنهنجي هن??و برادري سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان به ان جي سخت ??ذم?? ڪئي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي، قراداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ان عزم جو اظهار ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن ۽ عبادتگاهن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، ان مسئلي تي پوري حڪومت ۽ قوم هڪ آهي، اسلام اقليتن جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪري ٿو، هي ايوان اقليتن کي انهن جي حقن جي مڪمل تحفظ جي خاطري ڪرائي ٿو.