اسلام ??با?? – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ??ه شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي ال??ڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آهي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آهي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آهي ??تان ال??ڪشن کٽي وڃي اها شفاف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي جي واويلا شروع ڪن ٿا، سڄي ملڪ جي ڪ??ٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بلدياتي ال??ڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين نمبر تي آهي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهباز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه ج?? ضرور اعتراف ڪري ها ته پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ آهي. شهباز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي جي مطالبي جي ڪا حيثيت نه آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ال??ڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ماضي ۾ پراڻي نظام تحت ٿيندڙ ال??ڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شفاف ال??ڪشن جي ضامن آهي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري پر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي ??ڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي ال??ڪشن ۾ شڪست جا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ ال??ه ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ به اهي ??ي ويا. هن چيو ته شهباز شريف صاحب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت تي لنڊن ڀڄائي وٺي ويندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.