اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ??ار??يامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لا??اپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ اهم ??لڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻي لا??اپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسد قيصر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لا??اپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان سان ??ار??ياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خو??هشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ وا??ار?? سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لا??اپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيجان پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لا??اپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيجان پاڪستان سان لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خو??هشمند آهي.