اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، خيبرپختونخواهه جي ميڊيڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو ??هي، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ??ه 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪستان کان ٻاهر ويا، پاڪستان کي تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي ا??در ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪستان کي ٽيلي ا??جوڪيشن جي سخت ضرورت آهي. صدر چيو ??ه ٽيلي ا??جوڪيشن کي ماضي ۾ نظراندا?? ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽيلي ا??جوڪيشن جي ا??ميت وڌيڪ اڀري سامهون آئي، تعليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪي صحت جون ضرورتون وڌي رهيون آهن، اينٽي بائيوٽڪس جو غيرضروري استعمال وڌي رهيو ??هي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت سان ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. صدر چيو ??ه پاڪستان کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ضرورت آهي، ٽيلي ميڊيسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچائي سگهجي ٿو، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، غريب ماڻهو ٽيلي ميڊيسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ڪري س??هي ٿو، حاصل ڪيل علم کي پاڪستاني معاشري جي ضرورتن موجب ڪرڻ جي ضرورت آهي، جديد دور ۾ ترقي جي لاءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ??ه علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃ?? کان پاسو ڪن ٿا، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهولت ملي آهي. ان کان اڳ صدر خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو افتتاح پڻ ڪيو.