اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ عام م??ڻهو کي گهر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ر??ائ??ي منصوبن تي ڪ?? شروع ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت هڪ لک گهر تعمير هيٺ آهن، ب??نڪ?? گهرن جي تعمير جي لاءِ 24 ارب رپين جا قرض ڏنا آهن، ماضي ۾ ڪنهن حڪومت عام م??ڻهو کي گهر جي سهولت فراهم ڪرڻ جو نه سوچيو، اسان کي انفراسٽرڪچر ٺاهڻ ۾ 2 سال لڳي ويا، هاڻي تمام تيزي سان ان منصوبي تي ڪ?? ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فراش ٽائون ۾ 4400 اپارٽمينٽس جي تعمير جي منصوبي جي معائني دوران ڪيو. ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر هلندڙ سال اپريل ۾ رکيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت گهٽ آمدني ۽ پگهاردار طبقي کي ر??ائ??ي سهولتن جي فراهمي جو نه سوچيو. انهن جي اها ترجيح نه هئي، ان لاءِ رڳو پئسي وارا ماڻهو ئي گهر ٺاهي سگهندا هئا. عام م??ڻهو جي لاءِ اهو هڪ خواب هو. اسان اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ر??ائ??ي سهولتن جي فراهمي جي منصوبن جو اعلان ڪيو ۽ انفراسٽرڪچر ڊويلپ ڪرڻ جي ڪ??شش ڪئي ڇو ته ماضي ۾ انفراسٽرڪچر ئي موجود نه هو. بئنڪ عام م??ڻهو کي گهت جي تعمير لاءِ قرض نه ڏيندي هئي. اسان کي 2 سال قانونسازي ۾ لڳي ويا. هاڻي ب??نڪ?? عام م??ڻهو کي گهر جي تعمير لاءِ قرض ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ 10 سيڪڙو، ملائيشيا ۾ 30 سيڪڙو ۽ اولهه ملڪن ۾ 80 سيڪڙو گهر ب??نڪ?? کان قرض وٺي تعمير ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ 2018ع ۾ اها شرح رڳو 0.2 سيڪڙو هئي. حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ ب??نڪ?? کان قرض شروع ڪرايا. هائوسنگ جي شعبي کي مراعتون ڏنيون. ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو ته جيئن عام م??ڻهو کي آساني سان قرض ملي سگهي. ان کانسواءِ حڪومت هائوسنگ جي شعبي ۾ سبسڊيز جو اعلان ڪيو. 5 مرلا جي گهر جي لاءِ پهريان 5 سال 5 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، هيٺئين طبقي کي سروس چارج تي 2 سيڪڙو سبسڊي ڏني ۽ پهريان 5 سال 10 مرلا جي گهر جي لاءِ 7 سيڪڙو مارڪ اپ جو اعلان ڪيو. حڪومت 35 ارب رپيا سبسڊي جي لاءِ رکيا. پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير لاءِ 3 لک في گهر سبسڊي جي لاءِ رکيو. يعني جيڪڏهن 25 لک جو گهر ٺهي ٿو ته حڪومت 3 لک رپين جي سبسڊي ڏيندي جنهن سان قرضن جي قسط گهٽ ٿي ويندي. حڪومت جي ڪ??شش آهي ته هڪ عام م??ڻهو جيڪي پئسا پنهنجي گهر جي ڪرائي جي مد ۾ ڏي ٿو اٽڪل ايتري ئي رقم هو گهر جي قسط جي صورت ۾ ڏئي گهر جو مالڪ بڻجي ويندو. حڪومت تعميراتي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ به ڪيتريون ئي مراعتون نيون ۽ 90 سيڪڙو ٽيڪسز گهٽ ڪيا. وزيراعظم ٻڌايو ته هن وقت هڪ لک گهر ۽ اپارٽمينٽس تعمير هيٺ آهن. ب??نڪ?? وٽ 226 ارب رپين جي قرصن جي لاءِ 61 هزار درخواستون موجود آهن جڏهن ته گهرن جي تعمير لاءِ 90 ارب رپين جي قرضن جون درخواستون منظور ٿي چڪيون آهن، ب??نڪ?? هيستائين 24 ارب رپيا فراهم ڪري چڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته فراش ٽائون ۾ 670 ڪينال زمين تي 4400 اپارتمينٽس جي تعمير جاري آهي. ان مان 2000 اپارٽمينٽس گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ آهن. 400 اپارٽمينٽس ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ رکيا ويا آهن. 2 هزار اپارٽمينٽس مڊل انڪم ۽ پگهاردار طبقي کي ڏنا پيا وڃن. ان تي 15.3 ارب رپيا لاڳت ايندي. وزيراعظم منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪرڻ تي ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پهريان ٻه ڇو ته انفراسٽرڪچر ۾ لڳي ويا پر هاڻي انفراسٽرڪچر بڻجي چڪو آهي، ان لاءِ باقي گهر وڏي تيزي سان تعمير ٿيندا.