اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغي صحت جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته آهي ته ڊپريشن ۽ ذهني دٻاءُ سان دماغي صحت تي منفي اثر پوندا آهن، وڌ کان وڌ وسيلا حاصل ڪرڻ جي مقابلي سان ڊپريشن وڌندي آهي، جڏهن ته سماجي ڀلائي ۽ غريبن جي مدد سان خوشي ۽ اطمينان حا??ل ٿيندو آهي، ميڊيا کي ذهني صحت بابت آگاهي لاءِ پنهنج?? ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دماغي صحت تي پارلياماني ڪا??فر??س کي خطاب ڪن??ي ڪيو. صدر ڊپريشن جو سبب بڻجندڙ ??ال??ين تي روشني وجهندي چيو ته مادي ترقي سان خوشين کي ڳنڍڻ مسئلن جو سبب بڻجندو آهي.