اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان ڀائراڻي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضب??ط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اڀرندڙ موقعن ??ان فائدو کڻي سگهي ٿو. ايوان صدر ??ان جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظها?? قطر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير قصر بن مبارڪ المنصوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي.