اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلام ام?? جو دين آهي، ان کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قانونسازي ۾ بنيادي انساني حق?? جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قوم?? اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته دهشتگردي جي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخص دهشتگرد نه آهي اهو هن قانون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قانون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخص جي بنيادي انساني حق?? جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسا?? جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي بنيادي حق?? جو تحفظ آهي. اسان پهرين به قانونسازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مي?? جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آه?? اسان کي ا?? جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قانونسازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبر?? جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قانون نه ايندو ٻي قانونسازي نه ڪنداس??ن. ??ن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئ?? اسان کي اها قانونسازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.