اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ بنا ڪنهن منصوبابندي جي آبادي جي پکيڙ جي مسئلي جي حل ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي ترجيحي بنيادن تي فراهمي جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وفاقي گاد?? واري شهر کي ماڊل سٽي بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي وفاقي گاد?? واري شهر اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ منصوبابند?? وارو وزير اسد عمر، گهرو معاملن بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر، خاص مددگار سيد ذوالفقار عباس بخاري، خاص مددگار علي نواز اعواڻ، اي?? اي?? اي راجا خرم شهزاد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هُئا.