اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻ??ن مق??دن لاءِ رقم موڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهر??ن ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.