اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳالهيون شروع ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ??ه آخرڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آ??ي جنهن جو افغان عوام کي ڪيترن ئي سالن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين افغانين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي واقعن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عم??ان خان چيو ته مون هڪ ڊگهي ??رصي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته اف??ان??تان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي حل ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آ??ي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي آهي