اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او ??ي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هڪ هزار 78 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 20 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا، جنهن مان 17 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 933 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 504، پنجاب ۾ 11 هزار 432، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 211، اسلام آباد ۾ 5 هزار 229 ، بلوچستان ۾ 603 ، گلگت بلتستان ۾ 355، آزاد ڪشمير ۾ 599 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي مل?? ۾ ??ووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 13 هزار 527 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ??ووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 98 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ??ووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 864 آهي. سڄي مل?? ۾ ??ورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 32 هزار 186 آهي.