لاهور – 06 نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان سندس آفيس ۾ پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، سياسي صورتحال ۽ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عثمان بوزدار ۽ ش??هه محمود قريشي ادارن ک?? تڪراري بڻائڻ جي ناپاڪ مهم جي شديد مذمت ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ادارن جي خلاف هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪيو ويندو ۽ قومي ادارن جي وقار تي ڪو به حرف اچڻ نه ڏ??ند??سين، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته پاڪستان جا ادارا سڀني جي لاءِ قابل احترام آهن، مخصوص ايجنڊا تحت ادارن ک?? نشانو بڻائڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ عن??ر دشمن جي ايجنڊا تي هلي رهيا آهن، مايوسي جو شڪار مخالف ڌر عوام کي گمر??هه نٿي ڪري سگهي. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽريز عوام کي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ کي انتظامي ۽ مالياتي لحاظ کان خودمختياري ڏني وئي آهي. پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو ته قومي ادا??ن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، ادارن جي خلاف بيان بازي ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا خيرخواه نه آهن.