اسلام آباد – 20 8211; ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي نوجوانن جي معاملن واري خاص مددگار عثمان ??ار چيو آهي ته پاڪستان ??يموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو اتحاد ضمني چونڊن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو. نجي ٽي وي چئنل سان ??الهائيندي هن چيو ته پي ڊي ايم جون پارٽيون استعيفائن جي معاملي تي هڪ صفحي تي نه آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پهرين پارٽي هوندي جيڪا ان اتحاد کان ??ار ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي ته سنڌ ۾ ضمني چونڊون ڪرائي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي اسيمبلي تان استعيفائن جي باري ۾ سنجيده نه آهي. عثمان ??ار وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي کانسواءِ مسلم ليگ (ن) شهباز شريف گروپ به اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.