اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) بزرگ صحافي ۽ قومي خابرو اداري ايسوسئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو اڳوڻو چيف نيوز ايڊيٽر عثمان حميد خان 73 سالن جي عمر ۾ جمعي ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي عصر جي نماز کانپوءِ مغليه گارڊن واه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ رشتيدارن، ساٿين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. عثمان حميد پهرين اپريل 1948ع تي روالپنڊي جي ويجهو قصبه واهه ۾ پيدا ٿيو. هن 1968ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان انگريزي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ انگريزي اخبار نيوز ٽائيم راولپنڊي ۽ خابرو اداري اي پي پي کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هو پهرين فيبروري 1977ع تي اي پي پي سان جڙي ويو. هن قومي خابرو اداري ۾ پنهنجي شاندار صحافتي ڪيريئر دوران اهم نوعيت جي رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي چيف نيوز ايڊيٽر جا فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ مختلف صدرن ۽ وزيراعظم سميت وي آءِ پي ڪوريج جون ??مي??اريون به بهترين انداز ۾ نڀايون، جنهن کي قومي اخبارن جي وڏين سرخين ۾ نمايان جڳهه ملي. هن ڪيريئر دوران ڊپلوميٽڪ ڪارسپانڊنٽ طور به فرض سرانجام ڏنا، سندس شاندار صحافتي خدمتن تي انٽرنيشنل آرگنائيزيشن آف جرنلسٽس جي اهمتام هيٺ عالمي صحافتي م??ابلي ۾ ايوارڊ سان به نوازيو ويو. هُو پنهنجي پيشيوراڻي م??ارت، شف??قا??ي رويي جي بنياد تي نه رڳو اي پي پي پر صحافتي برادري ۾ قابل احترام حيثيت رکندو هو، هو 31 مارچ 2008ع تي قومي خابرو اداري مان رٽائر ٿيو.