اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جمهوريت جو ورد پيپلزپارٽي کان 24 ڪلاڪ ٻڌي وٺو پر جمهوري اصولن جي گهٽ کان گهٽ پاسداري به جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ نه آهي ته اه?? سنڌ آهي جتي زرداري خاندان جي آمر??ت لاڳو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تي قبضي کانپوءِ هاڻي م??الف ڌر اڳواڻ کي بجيٽ تقرير ڪرڻ کان به روڪيو ويو، اهو زرداري جي جمهوريت جو نئون رنگ آهي.