مري – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءِ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ جي ڇوڪرين کي بهترين تربيت فراهم ڪري کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ قدم کڻي ر??ي آهي، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت سان گڏوگڏ انهن جي ڪردار سازي به ضروري آهي، صحتمند ۽ تربيت يافته عورت نه رڳو گهر پر ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ نيشنل سمر ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪامياب سمر ڪيمپ جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي، ڪيمپ ۾ شريڪ شاگردن جي عزم ۽ روشن چهرو پاڪستان جي با??ي جي ان خواب جي تعبير آهي جيڪا هن قيام پاڪستان لاءِ ڏٺو هو، گرلز گائيڊ کي ان ڪيمپ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ هڪٻئي کان سکڻ جو موقعو مليو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي عالمي ميمبرن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان تاريخ جو حصو بڻجڻ جو مقصد معاشري جي عورتن جي تعميري ڪردار کي فروغ ڏ??ڻ آهي. اها ??حريڪ عورتن ۽ ڇوڪرين کي شهري جي حيثيت سان انهن جي صلاحيتن کي فروغ ڏ??ڻ لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪري ٿي. انهن جي هنرمندي، تعليم سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ نکارڻ جو موقعو ملندو آهي، انهن جي جسماني صحت ۽ تندرستي سان گڏوگڏ انهن جي اندر اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي، هن چيو ته گرلز گائيڊ جي اها ??حريڪ نوجوان ڇوڪرين کي صحتمند ۽ فعال رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??ي آهي، اها ??حريڪ ڇوڪرين کي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ سماجي براين کي ر??ڪٿام جي حوالي سان تربيت فراهم ڪندي آهي.