اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ جو دائرو ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور تائين وڌائي ڇڏيو آهي، آڪٽوبر تائين اهو پروگرام چئني صوبن جي 29 شهرن ۾ 40 ٽرڪن جي ذريعي مفت کاڌو پهچايو ويندو، ان سان روزاني 40 هزار ماڻهو ۽ ساليانو 14 لک 60 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪري سگهندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فر?? حبيب چيو ته احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگرام تحت ڏهاڙيدار ۽ مزدور ط??قي کي مفت کاڌو پهچايو پيو وڃي، ان سان ڏهاڙيدار ۽ مزدور طبقو کائڻ پيئڻ تان بچندڙ رقم به پنهنجي گهرڀاتين ک?? موڪلي سگهن ٿا، 4 اضا??ي کانپوءِ 16 ٽرڪ فوڊ فر??هم ڪري رهيو آهن.