اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف سازشن تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون، پاڪستان ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي تحت سموريون سهولتون هڪ پليٽ فارم تحت آڻڻ چاهيون ٿا، ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي قانون ۾ ڪرمنل سيڪشن نه پيو وڌو وڃي، ??يڊ??ا ورڪرز جي حقن ۽ ڪوڙين خبرن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته صحافين تي حملي تي مون سڀ کان اڳ مذمت ڪئي هئي، سنڌ ۾ ته اسان جا صحافي مارجي ويا آهن پر انهن جي ڪير ڳالهه نه ٿو ڪري. جيستائين ابصار عالم جو تعلق آهي هو پاڻ چئي چڪو آهي ته هو صحافي نه آهي، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ پاڻ چيو هو ته هو صحافي نه آهي ۽ اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي پر ڪير ڪٿي ڪم ڪري رهيو آهي ان کي ان ڳالهه تي فخر هجڻ گهرجي، اهو ڇا ٿيو آهي ته آئون هتي آهيان به ۽ شرمنده به آهيان، ابصار عالم تي حملي جو معاملو گهرو وزارت کي موڪلڻ گهرجي. هن چيو ته حامد مير ۽ عاصمه شيرازي جي خلاف ڪيسن جو معاملو حل ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ ??يڊ??ا آزاد آهي ۽ اظهار راءِ جي مڪمل آزادي آهي. هن پاڪستان ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو فريم ورڪ تيار ڪيو ۽ ان تي لاڳاپيل تنظيمن کان تجويزون گهريون ويون. سي پي اين اي، پي بي اي سميت ٻين صحافتي تنظيمن سان ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي تي ملاقاتون ڪيون ويون. وزيراعظم چاهي ٿو ته ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي تي اتفاق راءِ سان اڳتي وڌون. ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته ڪنهن به قسم جا قاعدا ۽ ضابطا نه هجڻ گهرجن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 150 بلين ڊالر جو نقصان اسان جو ٿيو، 80 هزار قربانيون اسان ڏنيون ان جي باوجود ايف اي ٽي ايف ۾ اسان آهيون پر ڀارت کان ڪير نه ٿو پڇي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي خلاف سازشن تي اکيون بند نه ٿا ڪري سگهون، پاڪستان جي خلاف سازشن کي گڏجي ناڪام بڻائڻو آهي، افعانستان ۽ ڀارت مان پاڪستان جي خلاف ٽوئيٽر ٽرينڊ هلايا ويا. پاڪستان تي پابندين جو ٽرينڊ افغانستان مان هلايو ويو، ان ٽرينڊ جي سهولتڪاري را ڪري رهي هئي. ??يڊ??ا وار گيم هلي رهي آهي، ??يڊ??ا کي بطور ٽول استعمال ڪيو وڃي ٿو. سي پيڪ جي خلاف آرٽيڪل ڇپجن ٿا پر اسان جو موقف نه ٿو اچي. ??يڊ??ا ورڪرز جي حقن ۽ ڪوڙين خبرن تي ڪو ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. ??يڊ??ا ڊيولپميٽ اٿارٽي بل جي حوالي سان وڌيڪ دٻاءُ به انهن ٻن شين جي حوالي سان آهي. هن چيو ته سوشل ??يڊ??ا تي تشهير 25 ارب تائين پهچي چڪي آهي. ان پئسي کي ريگيوليٽ ڪرڻو آهي جيڪو ڊالر جي صورت ۾ پاڪستان کان ٻاهر وڃي رهيو آهي. هن چيو ته سيٽلائيٽ چينل پاڪستان ۾ 114 آهن. نيوز جا 31، انٽرٽينمينٽ جا 42 چينل آهن. 42 چينلز کي لينڊنگ رائٽس ڏنا ويا آهن، ٻارن جا 14 چينلز آهن. ايف ايم ريڊيو 258 آهن. 4026 ڪيبل ٽي وي آپريٽر آهن. موبائيل ٽي وي 6 آهن، آءِ پي ٽي وي 12 آهن. هن چيو ته ڪيبل ٽي وي آپريٽرز کي مواد خريد ڪري هلائڻ جي پڻ اجازت هوندي. چوڌري فواد حسين چيو ته 1672 اي بي سي سرٽيفائيڊ ا??بارون آهن. اخبارن جو تمام وڏو انگ فيڪ اخبارن جو آهي. 185 ملين موبائيل سبسڪرپشن آهن. هن چيو ته 104 ملين براڊ بينڊ سبسڪرائبرز آهن، 102 ملين ٿري جي فور جي سبسڪرائبر آهن. ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو واٽس ايپ تي آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته گوگل ۽ فيس بڪ 7 ارب جا اشتهار پاڪستان مان هڪ سال ۾ ورتا آهن. آن لائن گيمنگ تمام وڏي انڊسٽري بڻجي وئي آهي، پاڪستان جي هڪ ٻار 16 ملين ڊالر گيم کيڏي ڪمايا آهن. هن چيو ته ??يڊ??ا کي ريگيوليٽ ڪرڻ اهميت رکندڙ آهي. برطانيا، انڊيا، آسٽريليا، سنگاپور ۽ يورپي قانونن جو مطالعو ڪيو آهي. هن چيو ته اي يو ڊس انفارميشن ليب ۾ 875 جعلي ويب سائيٽس جي ذريعي پاڪستان بابت جعلي خبرون پکيڙيون وينديون هيون. ڪراچي ۾ سول وار جو ٽرينڊ ڀارت احمد آباد مان شروع ڪيو ويو. ڪراچي ۾ ٽي ايل پي جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي هئي، سول وار جو ٽرينڊ هلايو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته ??يڊ??ا کي ريگيوليٽ ڪرڻ جا 7 قانون ۽ باڊيز آهن. پريس ڪائونسل 50 ڪروڙ خرچ ڪري 29 ڪيسن جو فيصلو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??يڊ??ا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان آسٽريليا ۽ انگلش قانونن مان مدد ورتي آهي. سمورن قانونن کي هڪ پليٽ فارم جي ماتحت آڻڻ چاهيون ٿا. ان قدم جي ذريعي ??يڊ??ا ۽ صارفين کي ون ونڊو آپريشن ڏيڻ چاهيون ٿا. ڪنهن به فلم جي اين او سي ۾ سخت مشڪلاتون درپيش آهن، فلم جي اين او سي جي لاءِ به ون ونڊو آپريشن شروع ڪرڻ چاهيون ٿا. اٿارٽي تحت ??يڊ??ا ڪمپلينٽ ڪميشن جوڙي ويندي. 7 وڏن شهرن ۾ ڪمپلينٽ ڪميشن ٺاهيا ويندا، ڪمپلينٽ ڪميشن جي مقررين جي لاءِ هڪ خودمختيار ڪميشن هوندو. ڪميشن ۾ چار ميمبر حڪومت ۽ چار ??يڊ??ا انڊسٽري مان هوندا. هن چيو ته ميديا ڪميشن جي فيصلي جي خلاف ??يڊ??ا ٽربيونل ۾ اپيل ڪري سگهبي، ??يڊ??ا ڪميشن 21 ڏينهن ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندو جڏهن ته ??يڊ??ا ٽربيونل چار هفتن ۾ فيصلو ٻڌائيندو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ??يڊ??ا ملازم ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿين ۽ ان موجب عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي جيڪو صحافين جو بنيادي حق آهي. هن چيو ته ٽربيونل جو سربراهه هاءِ ڪورٽ جو حاضر سروس يا رٽائرڊ جج هجڻ گهرجي، ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهبي. هن چيو ته صحافتي تنظيمون ان حوالي سان جيڪي به تجويزون ڏين انهن جي آجيان ڪئي ويندي. ڪميٽي جي چيئرمين ان موقعي تي مريم اورنگزيب جي قيادت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي. ڪميٽي ميمبرن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر شوزب ڪنول ۽ نفيسا شاهه شامل آهن.