اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن آس??ني پيدا ڪرڻ ??ڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي آس??ني لاءِ ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ڪرڻ ۾ عملي اڳڀرائي جي حوالي سان ??جلاس کي خ??اب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ون ونڊو سروسز قائم ڪرڻ ??ي لاءِ ٺوس حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڙپڪاري بورڊ تحت ون ونڊو سروسز پورٽل قائم ڪرڻ ??يڙپڪارن کي درپيش مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ??ي لاءِ عمل ۾ آندو پيو وڃي. پورٽل نه رڳو انتظامي ۽ قانوني منظوريون حاصل ڪرڻ پر صنعتن کي سهولتن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪندو. ان ??ي لاءِ لاڳاپيل کاتن کي ٻن مرحلن ۾ پورٽل ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، پورٽل ۾ ڪاغذي ڪارروائي ۽ ڊيجيٽل منظوريون شامل آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پورٽل ۾ نه رڳو وفاقي کاتا پر صوبائي کاتا به شامل ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران ??ان چيو ته حڪومت صنعتي ترقي جي لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي، سيڙپڪارن جي لاءِ هر ممڪن آس??ني پيدا ڪرڻ ??ڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پورٽل جي حوالي سان ??مورين ڌرين سان مشاورت ۽ ٺوس ڪوآرڊينيشن کي يقيني بڻايو وڃي، پورٽل کي مقرر مدي اندر قائم ڪرڻ ۽ فعال بڻائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.