اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو خاتمو ۽ معاشي ٻاڙ??ئي جي روڪٿام لاءِ معاشي قدمن جي ضرورت آهي، افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر جا سندس ۽ سندس وفد جي 16 ۽ 17 سيپٽمبر 2021ع جي تازي دوشنبي جي دوري دوران شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن دوشنبي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي اڳڀر??ئي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي ا??مي??ان جو اظهار ڪندي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر کي افغانستان جي پائيدار امن ۽ ا??تح??ام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن ان ڏس ۾ قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پور?? ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي ضروري انساني معاونت جي لاءِ پنهنج?? ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ اقتصادي ٻاڙ??ئي ۽ عام ماڻهو کي درپيش مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ فوري اهميت جي معاشي قدمن تي پڻ روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ امن ۽ ا??تح??ام ۾ معاونت جي ڪوششن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ ان ڏس ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.