اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قانون ج?? حڪمراني ۽ آئين ج?? بالادستي ۾ وڪيلن ج?? روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن.
اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ نيب جي تازي آرڊيننس سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. وڪيل برادري وفاقي و??ير کي جهلم ۾ ڪنٽونمنٽ بورڊز جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي شاندار ڪ??ميابي تي مبارڪباد پيش ڪئي. وڪيلن چونڊ سڌارن ۽ ايندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين وڪيلن کي نيب (ٻيو ترميمي) آرڊيننس 2021?? جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته صدر آئين ج?? آرٽيڪل 89 تحت اهو آرڊيننس جاري ڪيو، آرڊيننس جي ذريعي صدر مملڪت ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان ج?? مشاورت سان احتساب عدالتن ج?? قيام عمل ۾ آندو ويندو، پراسيڪيوٽر جنرل جي اختيارن کي وڌايو ويو آهي، ان آرڊيننس تحت ضمانت جا اختيار ماتحت عدالتن وٽ هوندو. هن چيو ته اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن انهن ج??ن اڪثر ترميمون انهي آرڊيننس ۾ شامل آهن.
وفاقي و??ير چيو ته حڪومت وڪيلن ج?? مسئلن کان چڱي طرح آگاهه آهي، ڊسٽرڪٽ بار جهلم لاءِ نوان چيمبرز ٺاهيا ويندا، نوجوان وڪيلن کي چيمبرز جي تعمير جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام مان قرض ڏنا ويندا. وڪيل برادري کي صحت جي سهولتن ج?? فراهمي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي تي به غور ڪ??ي رهيا آهيون، وفاقي و??ير وڪيلن کي جهلم ۾ ترقياتي ڪمن ج?? حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته جهلم درياءُ جي ويجهو جديد تفرحي پارڪ قائم ڪيو ويندو، هن چيو ته الله کان پنڊداد خان ۽ جهلم روڊ جي ٻن لائين وارو ڪرڻ جي منصوبي سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو، 126 ڪلوميٽر ڊ??هي الله کان ج??لم تائين ٻن لائين واري روڊ جي تعمير تي 16 ارب روپين ج?? لاڳت ايندي، وڪيل برادري علائقي جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري جي منصوبن ج?? آغاز تي وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب فيصل چوڌري ۽ سرفراز چوڌري جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي صدر راجا توقير احمد خان، جنرل سيڪريٽري راجا نصر الله وسيلم، جوائنٽ سيڪريٽري چوڌري آصف بشير ايڊووڪيٽ، پنجاب بار ڪ??ئونسل جي ميمبر راجا ظفر اقبال، ڊسٽرڪٽ بار جهلم جي اڳوڻي صدر چوڌري عبدالرشيد گوندل، پنجاب بار ڪ??ئونسل جي اڳوڻي و??ئيس چيئرمين چوڌري محمد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ارشد محمود جنجوعه ايڊووڪيٽ شامل هئا.