اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي دبئي پ??چي ويو. گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عواد النعيمي ۽ پاڪستاني سفير افضال محمود ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو. اي??ان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قي??دت سان به ملاقات ڪندو ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني پ??يلين جو پڻ دورو ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي دبئي ۾ روشن پنهنجو گهر پروگرا?? جي رونمائي واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دوري جي موقعي تي صدر دبئي ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف ڪمپنين جي سي اي اوز سان پڻ ملاقات ڪندو. ان دوري جو مقصد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن واپا??ي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.