اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته پاڪستان جي ڪورونا وائرس جي وبا جي خلاف شاندار حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، انهي حڪمت عملي جي ڪري اڄ اسان جون حالتون دنيا جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا بهتر آهن، سياسي مخالفن جو ڪم مايوسي ۽ ڪوڙ پکيڙڻ آهي، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن حقيقتون بيان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪنهن جدا سياري تي نه آهي، حقيقت اها آه?? ته اڄ پاڪستان جي انڊسٽري بحال ٿي چڪي آهي، ڪنس??رڪ??ن سيڪٽر پوري طرح فعال آ??ي، زرعي معيشت خوشحال آ??ي ۽ آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته مزدور، آبادگار ۽ انڊسٽري سمورن جي آمدنين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ انشاءَ الله 6 کان 8 مهينن ۾ عالمي قيمتون به نارمل ٿيڻ شروع ٿي وينديون.